مٽياري (رپورٽر) مٽياري شھر سميت ضلعي جي مختلف علائقن جي تعليمي ادارن ۽ ننڍن وڏن صحت مرڪزن ۾ اڃان تائين 3 کان 4 فٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي، جنھن سبب ضلعي ۾ تدريسي عمل بحال نه ٿي  سگھيو آھي، صحت مرڪز به غير فعال پيل آهن، برساتن کي ختم ٿئي به 2 ھفتا گذري ويا آھن، ان باوجود ضلعي ھيڊ ڪوارٽر شھر مٽياري جي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج مٽياري ۾ 3 کان 4 فٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي، ان کان سواءِ گورنمينٽ سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ گرلس ڊگري ڪاليج ، گورنمينٽ محمد دائود ميمڻ بوائز ھاءِ اسڪول، گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول توڙي گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ۾ پڻ  گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي، جڏهن ته مليل ڄاڻ موجب ضلعي ۾ ويهن کان مٿي صحت مرڪزن ۾ پاڻي بيٺل آهي،  انتظاميا اڃان تائين تعليمي ادارن ۽ صحت مرڪزن مان برساتي پاڻي ڪڍڻ لاءِ  ڪابه پلاننگ نه ڪري سگھي آھي، جنھن سبب اڃان ٻن کان ٽن ھفتن تائين تدريسي عمل جي بحالي مشڪل نظر اچي رھي آھي ته ضلعي ۾ برساتن کانپوءِ مختلف بيمارين به ڪي کنيو آهي ته عوام اڳ ئي برسات جو سٽيل مٿان تعليم ۽ صحت کان به ڪاثر آهي.