حيدرآباد/نوشهرو فيروز(رپورٽ فيض کوسو+ زاهد راڄپر) سنڌ حڪومت نوشهروفيروز ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر محمد تشفين عالم کي ڊيوٽي تان روپوش قرار ڏيئي معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته وفاقي حڪومت کي سفارش ڪئي آهي ته سندس خدمتن کي معطل ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت ڊي سي نوشهروفيروز تشفين عالم خلاف اين ايڇ اي جي موٽروي جي اڏاوت لاءِ جاري ڪيل رقم بئنڪ مان ڪڍرائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي آهي. سنڌحڪومت جي سروسز, جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران وفاقي حڪومت جي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي هڪ خط لکي چيو ويو آهي ته ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن پاران اها ڄاڻ ڏني وئي آهي ته 18 هين گريڊ جو ڪليڪٽر/ ڊي سي نوشهروفيروز تشفين عالم گذريل چئن ڏينهن کان پنهنجي ڊيوٽي تي نه پيو اچي ۽ بنا ڪنهن اطلاع ۽ اجازت جي ڊيوٽي تان فرار ٿيل آهي ان ڪري ڄاڻايل آفيسر جون خدمتون معطل ڪيون وڃن. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل آفيسر خلاف چارج شيٽ ۽ الزامن بابت تفصيل جلد مهيا ڪيا ويندا جيڪي اين ايڇ اي پاران موٽروي جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري واري منصوبي متعلق آهن. هوڏانهن سنڌ حڪومت ڄاڻايل ڊي سي خلاف موٽروي منصوبي جي لاءِ نوشهروفيروز ۾ زمين جي خريداري لاءِ جاري ڪيل رقم ۾ مبينا خرد برد جي جاچ لاءِ هڪ اعلي سطحي ڪميٽي قائم به ڪئي آهي. ڪميٽي جو سربراه ڊائريڪٽر جنرل ليبر اينڊ هيومن ريسورسسز سيد سجاد حيدر کي مقرر ڪيو ويو آهي. ان ڪميٽي ۾ 20 هين گريڊ جو ڊائريڪٽر جنرل ٽرينگ مينيجمينٽ اينڊ ريسرچ طارق شاه جيلاني ۽ ڊائريڪٽر جنرل مائينز عمر فاروق بلو ميمبر طور شامل آهن. ڪميٽي جا ٽي اي او آرز تيار ڪري هدايت ڪئي وئي آهي ته هو 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪري. ڪميٽي کي چيو ويو آهي ته زمين جي خريداري لاءِ جاري رقم ۽ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي.