ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) نيب اختيارين مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ هاءِ ويز کاتي جي اڳوڻي چيف انجنيئر منظور حسين شاهه ۽ سندس آبادگار ڀاءَ نديم شاهه جي اثاثن بابت  جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو، 35 ڄڻن کان تفصيل طلب، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب نيب مٽياري ضلعي سان تعلق رکندڙ هاءِ ويز کاتي جي اڳوڻي چيف انجنيئر منظور حسين شاهه، سندس آبادگار ڀاءَ نديم شاهه ۽ ٻين خلاف جاچ ڪري رهيو آهي، نيب اختيارين ٻنهي ڀائرن ۽ سندس فيملي ميمبرن کي زرعي زمين، پلاٽ، فليٽ ۽ گھر وڪرو توڙي کانئن خريد ڪندڙ 35 ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، انهن کان سڃاڻپ ڪارڊن جي ڪاپي، سيل اگريمنٽ، سيل ڊيڊ ۽ ليز ايگريمينٽ جي ڪاپي سميت ٻيا تفصيل گھريا ويا آهن. نيب موجب  منظور شاهه  جي گھرواري بيبي انجم شوڪت اعواڻ کان بحريا ٽائون ۾ پراپرٽي خريد ڪئي، جڏهن ته نديم شاهه  2012ع ۾ نظير احمد کان ڊفينس فيز 8 ۾ 500 چورس والن  جو گھر خريد ڪيو، نديم شاهه 2009ع ۾ عطيه عليم کان ڊفينس فيز 8 خيابان ٽيپو سلطان ۾ پلاٽ خريد ڪيو، هن 2015ع  ۾ بلقيس بانو کان ڊي ايچ اي فيز ٽو حيدرآباد ۾ 421 چورس والن جو پلاٽ ۽ محمد اطهر خان کان 2014 ۾  چيپل اوشين سينٽر ۾ فليٽ خريد ڪيو. نيب موجب جاويد رسول شاهه ۽ سندس فيملي ميمبرن کان منظور حسين شاهه جي پٽن سيد محمد احمد شاهه ۽ عبدالمطلب شاهه جي نالن تي مٽياري ۾ پلاٽ خريد ڪيا ويا،سال  2007 ، 2010 ، 2012،  2013 ۽ 2014ع  ۾ نديم شاهه جاويد شاهه  کان بلڙي شاهه ڪريم ۾ 42 ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين پنهنجي نالي تي خريد ڪئي،  نيب موجب نديم شاهه مٽياري ۾ هڪ پلاٽ شمشاد نالي عورت کي وڪرو ڪيو، نيب موجب منظور حسين شاهه جي پٽ سيد عبدالمطلب جي نالي تي 2009 ع ۾ مٽياري ۾ 1800 چورس والن جو پلاٽ خريد ڪيو ويو، جڏهن ته نديم شاهه 2005ع ۾ 1800 چورس والن جو ڪمرشل پلاٽ خريد ڪيو. نديم شاهه جي پٽ حسنين علي شاهه به 1800 چورس والن جو پلاٽ خريد ڪيو. اها پراپرٽي حافظ بشارت ۽ سندس فيملي ميمبرن کان خريد ڪئي وئي. نيب موجب 2009 ۽ 2014 ۾ منظور حسين شاهه جي پٽ عبدالمطلب ۽ نديم شاهه جي پٽ محمد حسنين علي شاهه جي نالن تي مٽياري ۾ 4 پلاٽ خريد ڪيا ويا، اهي پلاٽ سيد آفتاب علي شاهه کان خريد ڪيا ويا. نيب موجب قاسم آباد ۾ منظور حسين شاهه جي پٽ سيد عبدالمطلب شاهه جي نالي تي 4 فليٽ خريد ڪيا ويا، اهي فليٽ محمد موسيٰ کان 2013ع ۾ خريد ڪيا ويا. نيب موجب 2010 ۾ نديم شاهه ڊفينس صبا ڪمرشل ۾ سروري نظير کان ڪمرشل پلاٽ  خريد ڪيو، نديم شاهه 2015 ۾ فرزانه شيخ کي قاسم آباد سٽيزن ٽائون ۾ 577 چورس والن جو پلاٽ وڪرو ڪيو. نديم شاهه جي ڌيءَ حبيبه شاهه 2014ع ۾ ڌرميندر کي 420 چورس والن جو پلاٽ وڪيو ڪيو. نديم شاهه جي ڌيءَ حميده رياض شيخ کي ساڳئي اسڪيم ۾ 263 چورس والن جو پلاٽ وڪرو ڪيو، نديم شاهه قاسم آباد ۾ نسيم پرويز ٿيٻو کي 1782 چورس والن جو پلاٽ وڪرو ڪيو، اهو پلاٽ نديم شاهه زاهد حسين کان خريد ڪيو هو، نديم شاهه 2010ع ۾ سجاول ۾ سيد خالق ڏنو کان 12 ايڪڙ 30 گھنٽا زرعي زمين خريد ڪئي، نيب موجب نديم شاهه  گلزار احمد شاهه کان به هڪ ايڪڙ 30 گھنٽا زمين خريد ڪئي، نديم شاهه شاهه 2011 ع ۾ شاهه بلڙي ڪريم ۾ 16 هزار چورس وال جا 2 ڪمرشل پلاٽ خريد ڪيا جيڪي هن شهباز ڪاظمي کان خريد ڪيا. نيب موجب نديم شاهه ڪشو مل، اشوڪ ڪمار ۽ ڌرم ڪمار کي بلڙي شاهه ڪريم ۾ زرعي زمين وڪرو به ڪئي.  نيب موجب 1994، 2011، 2014۽ 2016ع  ۾ نديم شاهه جي پٽ سيد حسينن علي شاهه جي نالي تي ديهه ڀورڪو ۾ غلام رسول شاهه ۽ سندس فيملي ميمبرن کان 40 ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين خريد ڪئي وئي، نيب موجب 1995 کان 2021 تائين نديم شاهه ۽ سندس ڌيءَ بيبي دعا حميد جي نالي تي بيبي رزق ڏني کان رزعي زمين مقاطعي تي ورتي وئي.