مٽياري : ايم 6 موٽر وي منصوبي لاءِ زمين جي خريد فروخت ۾ اربين رپين جي مبينا جي ڪرپشن جي ڪيس  ۾ چيئرمن اينٽي ڪرپشن سنڌ جي حڪم تي مٽياري اينٽي ڪرپشن کان جاچ واپس ورتي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن مٽياري کان جاچ واپس وٺي ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن ڄامشوري جاويد هالپپٽو اسٽنٽ ڊرايڪٽر شفاقت علي مرزا، سرڪل آفيسر ٽنڊو الهيار آغا حسن حوالي  ڪئي وئي آهي.