مٺي ( رپورٽ ممتاز نهڙيو ) مٺي ۾ پي ٽي آءِ  ۽ جي ڊي اي پاران مڪاني چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين ۽ پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪرڻ خلاف ڊي آر او آفيس آڏو  ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو . اڳوڻي ضلعي ناظم ارباب انور ، بئريسٽر ارباب ظفر الله ،  ارباب عنايت الله، وڪيل لجپت سوراڻي، فقير سلطان راڄڙ ، محمد خان لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سندن  حامي اميدوارن ۽ ڪارڪنن  ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي، احتجاج ۾ پي ٽي آءِ سان گڏ جي ڊي اي ، جماعت اسلامي جي ضلع امير مير محمد بليدي، ۽ آزاد اميدوار  محمد خان لنڊ سميت وڏي انگ ڪارڪنن ۽ اميدوارن شرڪت ڪئي، ڊي آر او ۽ آر اوز تي ڌر هجڻ جا الزام هنيو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ضلع ۾ مڪاني چونڊن لاءِ مقرر ڪيل ڊي آر او ۽ آر اوز پ پ پ وارن جا ونگاري آھن جيڪي پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪري ووٽرن کي دربدر ڪري رهيا آھن، ڊي آر او ۽ آر از جون آفيسون پ پ پ وارن جون سياسي ڪئمپون بڻيل آھن جن هٿان مڪاني چونڊون شفاف ٿي نه سگهنديون، هنن چيو ته پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪري اليڪشن ڪميشن جي ضابط اخلاق جون ڌڄون اڏايون ويون ۽ مخالف اميدوارن کي پوليس معرفت دٻايو ۽ هيسايو پيو وڃي جنهن ڪري ٿر ضلع ۾ گهرو ويڙھ جهڙي صورتحال پئدا ٿي ويئي آھي هنن چيو ته معاملي جو نوٽيس نه ورتو ويو ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري سگهون ٿا، ٿر ۾ خونريزي جو خطرو آھي شفاف چونڊ لاءِ فوج ۽ رينجرس مقرر ڪئي وڃي، اڳوڻي ضلع ناظم ارباب انور جبار چتاءُ ڏنو ته زيادتين جو نوٽيس وٺي تبديل ڪيل پراڻيون پولنگون واپس بحال نه ڪيون ويون ۽ ڌانڌلين جو نوٽيس وٺڻ سميت اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته 24 جون تي ضلعي جي سمورن آر او اوز آفيسن ۽ ڊي آر او آفيس آڏو ڌرڻا هڻي  گهيرا ڪيو ويندو.