مٺي (رپورٽر) مٺي جي ميوا رام ڀيل ۽ بس ٽرمينل ڪالونين جو ٽرانسفارمر خراب هجڻ سبب 10 ڏينهن کان بجلي بند ڪرڻ خلاف شھرين ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري  بس ٽرمينل وارو مک روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري مختلف شھرن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن قربان نهڙي، شڪيل ويسر، سوڍو ڀيل، راڻو ڀيل، هرسنگھه ڀيل، انيل، لجپت ميگهواڙ، ڪيول مهراج، ڪامريڊ ڏيوجي ڀيل ۽ ٻين چيو ته سندن ڪالونين جو ٽرانسفارمر خراب هجڻ ڪري 10 ڏينهن کان بجلي بند آھي پر ٽرانسفارمر ٺھرائڻ يا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، هنن چيو ته سخت گرمي ۾ بجلي بنا زندگي مفلوج بڻيل آھي، هنن چيو ته واپڊا اختياريون بار بار شڪايتن باوجود خاموش تماشائي بڻيل آھن، هنن مطالبو ڪيو ته بجلي بحال ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي، هوڏانهن پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي احتجاج واري هنڌ پهچي بجلي بحال ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو،