مٺي (رپورٽر) مٺي ۾ ايف بي آر اسلام آباد ۽ ايف بي آر انٽيليجنس حيدرآباد ٽيم جي گڏيل ڪارروائي، واپاري جي گدام تي ڇاپو، اسٽاڪ ڪيل سوين ٻويون کنڊ هٿ، ٽيم بنا ڪارروائي جي واپس، خبر موجب ايف بي آر اسلام آباد جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طاهر شيخ ۽ ايف بي آر حيدرآباد جي ٽيم ريوا چند جي کنڊ جي گدام تي ڇاپو هڻي بغير ٽيڪس جي ٽڪلين سان پيل کنڊ جا 394 ڪٽا هٿ ڪري گدام سيل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ٽيم واپس رواني ٿي وئي، ايف بي آر جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  اسان کي اطلاع هئا ته بغير ٽيڪس جي چوري جي کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن تي ڪارروائي ڪئي، هن چيو ته بغير ٽيڪس جي چوري جي کنڊ ذخيرو ڪرڻ قانوني ڏوهه آهي، مالڪ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته  اسان ڪارروائي ڪري گدام سيل ڪيو آهي، هن چيو ته کنڊ جي شگر ملز مان ويريفڪيشن ڪئي ويندي، چوري ثابت ٿي ته ڪارروائي ٿيندي.