مٺي (رپورٽر)  مٺي ۾ آر او پلانٽس هلائيندڙ اوسلو ڪمپني جي آفيس آڏو ملازمن 31 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري مک دروازي تي ڌرڻو هنيو، احتجاج دوران انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي، پوليس ملازمن جي 3 اڳواڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيل ملازمن ۾ سڪندر دل، عظيم ۽ ٻيا شامل ٻڌايا وڃن ٿا، ملازمن دانهيندي چيو ته پگهارون نه ملڻ سبب بکون ڪاٽي رهيا آهيون، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪيو پيو وڃي، انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس موجب ڳالهيون ڌرين ۾ هلندڙ آھن، معاملو حل کي ويجهو آهي ملازمن کي جلد آزاد ڪري رهيا آھيون.