مٺي (رپورٽر) سنڌ سرڪار کي لکيل ٿر ڪول ايريا بلاڪ ون تي ڪم ڪندڙ ڪول ڪمپني جي شڪايتي خط بعد ضلع انتظاميا ايريا ۾ پهچي لاڳاپيل ڪمپني جي انتظاميا ۽ مقامي ڳوٺاڻن سان ڌار ڌار گڏجاڻيون ڪري تفصيل معلوم ڪيا ۽ شڪايتن جي آڌار تي پوليس انسپيڪٽر جي سربراهي ۾ الڳ ڪمپلين سيل قائم ڪرڻ سان گڏ ڪمپني جي نشاندهي تي ڳوٺ وروائي جا مختلف رستا سيڪيورٽي خدشو ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار جي هدايتن تي ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي ۽ ايس ايس پي عابد علي بلوچ ٿر ڪول بلاڪ ون پهچي شڪايتي خط لکندڙ شنگهائي ڪمپني جي لاڳاپيل انتظاميا سان گڏجاڻي ڪري خط ۾ ڄاڻايل شڪايتن ۽ خدشن بابت ڄاڻ ورتي ۽ ڳوٺاڻن کان الڳ معلومات حاصل ڪئي، ذريعن موجب ڪمپني انتظاميا سندن ايريا اندر ڪم ڪندڙ ملازمن توڙي ڀرسان جي ڳوٺاڻن تي سامان چوري ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون ۽ سندن تار لڳل بائونڊري ٻاهران مقامي ڳوٺاڻن جي ڪيل حددخلين جي پڻ شڪايت ڪئي ۽ گهر ڪئي ته ڳوٺاڻن جو چوپايو مال پڻ ايريا ۾ داخل ٿئي ٿو مال ۽ ڳوٺاڻن جا لنگهه کليل هجڻ سبب ڪمپني کي سيڪيورٽي خدشا آھن، تنهن ڪري ان جو متبادل ڪڍيو وڃي، ذريعن موجب انتظاميا ڪمپني جي خدشن سبب پوليس انسپيڪٽر جي سربراهي ۾ ڄاڻايل علائقي ۾ ڪمپلين سيل قائم ڪيو جيڪو مقامي ڳوٺاڻن توڙي ڪمپني جون شڪايتون بروقت ٻڌندو ۽ حل ڪڍندو، جڏهن ته انتظاميا سنڌ سرڪار کي ڄاڻايل خط جي جواب ۾ ڪهڙي رپورٽ ڏني آھي ان بابت انتظاميا سان بار بار ڪوششن باوجود رابطو نه ٿي سگهيو، پر انتظاميه جي ٿر ڪول مان واپسي بعد پوليس ڳوٺ وروائي جا ڪجهه کليل رستا ۽ مال جا لنگھه پڻ بند ڪري ڇڏيا آھن جنهن خلاف ڳوٺاڻن احتجاج پڻ ڪيو آھي.