مٺي (رپورٽر) مٺي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ٻار کي جنم ڏيندڙ نوجوان ناري پراسرار نموني گم، وارثن پاران بااثر تي اغوا جو الزام، پوليس تحرڪ نه ورتو، وارثن جو ناري جا ٿڃ پياڪ 2 ٻار  کڻي ٿاڻي آڏو احتجاج، ناري چاهيندڙ سان گهران نڪري وڃڻ جا چوٻول، خبر موجب ڳوٺ هريار ۾ 2 معصوم ٻارن جي ماءُ 25 سالا انيلان زال رانجهو ميگهواڙ پنهنجي مائٽن جي ڳوٺ نيڻي سر آيل هئي، جتان گذريل رات پراسرار نموني گم ٿي وئي، جڏهن ته ناري جو هڪ 15 ڏينهن جو ۽ ٻيو هڪ سال جو ٻارڙو روئي روئي بيحال ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ ناري جا وارث ٻنهي ٻارڙن کي هنج ۾ کڻي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين مٺي ٿاڻي آڏو ناري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندا رهيا پر پوليس اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ بنا معاملو راڄوڻي ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جو مشورو ڏئي موٽائي ڇڏيو، جنهن ڪري مٺي ٿاڻي آڏو وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن پهچي ويا ۽ ماحول ڏکارو بڻجي ويو، ناري جي وارثن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته انيلان ميگهواڙ ٻن معصوم ٻارن جي ماءُ آھي، جنهن کي بااثر اڪبر سميجو ساٿين جي مدد سان اغوا ڪري ويو آھي، سندس 15 ڏينهن جو ٻارڙو ٿڃ نه ملڻ ڪري تڙپي رهيو آھي، هنن چيو ته ناري ساهرن جي ڳوٺ هريار مان اباڻي گهر نيڻي سر آيل هئي، جتان کيس اغوا ڪيو ويو آھي، هنن ناري کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، هوڏانهن ڳوٺ ۾ چوٻول آھن ته انيلان پنهنجي چاهيندڙ اڪبر سميجو سان گهران نڪري وئي آهي ۽ 2 معصوم ٻار هڪ مائيٽاڻي جي گهر ڇڏي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار آھيون پر ناري جا وارث راڄوڻي ذريعي معاملو حل ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪن، ان ڪري فريادي جو انتظار ڪري رهيا آهيون.