مٺي (رپورٽر) مٺي ڀرسان ڳوٺ مٺڙيو ڀٽي ۾ باهه لڳڻ سبب ميگهواڙ برادري جي 10 پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ميگهواڙ برادري جي هڪ گهر کي لڳل باهه وقت تي فائر برگيڊ نه پهچڻ ڪري وسامي نه سگهي ۽ سڄي پاڙي کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ پورهيتن ننگارام، ڀلو، ملوڪو، ويرسو، پارو ۽ ٻين جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل لکين روپين جو ڏاج، اناج ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.