مٺي پوليس ويم لاءِ اسپتال  ويندڙ عورت جي گاڏيءَ  کي روڪي ڇڏيو، پوليس بنا جواز اڌ ڪلاڪ تائين  گاڏي کي بيهاريو، عورت پوليس پوسٽ وٽ گاڏيءَ اندر ٻار کي جنم ڏنو

سول اسپتال پهچندي ئي  صابر فقير جو تازو ڄاول ٻارڙو  فوت ٿي ويو، عورت جي مڙس موجب پوليس کي ڊليوري ڪيس هئڻ  جو ٻڌايو پر اهلڪارن گاريون ڏئي اڌ ڪلاڪ تائين  روڪي ڇڏيو

فوتي ٻار جي وارثن موجب ٻارجي موت جا ذميوار پوليس  اهلڪار  آھن، ڪارروائي  ڪري انصاف ڪيو وڃي