مٺي (رپورٽر) مٺي ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، وارثن پاران آپگهات قرار، خبر موجب ڳوٺ عالمسر ۾21 ورهين جي راجيش ڪمار ولد ڏاڏو ڀيل جو گهرن ڀرسان وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش وڻ مان لاهي مٺي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو، پوليس موجب وارث واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي رهيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.