مٺي (رپورٽر)  مٺي جي نوجوان سندر سوني جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس زال ديا سوني ۽ چاهيندڙ راجا مالهي عدالت ۾ ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو آھي، مٺي پوليس پاران نوجوان سندر سوني جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سندس زال ديا سوني ۽ راجا مالهي کي جوڊيشنل مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ڪيس ۾ نامزد جوڙي بيان رڪارڊ ڪرائيندي نوجوان کي کير ۾ ڪارو پٿر پياري مارڻ جو اعتراف ڪيو ۽ چيو ته اسانجا پاڻ ۾ ناجائز لاڳاپا هئا ۽ ديا سوني جو مڙس سندر سوني رڪاوٽ بڻيل هو، گرفتار راجا مالهي چيو ته مون خودڪشي ڪرڻ لاءِ ميرپورخاص مان ڪارو پٿر خريد ڪيو پر ديا سوني مون کي خودڪشي کان روڪي سندس مڙس سندر سوني کي ساڳيو پٿر پياري مارڻ جو مشورو ڏنو، جنهن بعد اسان گڏجي اهو ڪم ڪيو، عدالت سڳوري بيان بعد گرفتار جوڙي کي ٻيهر ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نوجوان سندر سوني جو پراسرار نموني موت ٿيڻ بعد گهر ڀاتين ماکي جي ڏنگڻ سان فوت ٿيڻ قرار ڏنو هو ۽ بعد ۾ فوتي نوجوان جي ڀاءُ ونود قتل ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري پوليس کي  جاچ جي درخواست ڏني هئي،