ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي انساني حقن بابت خاص معاون سريندر ولاسائي ٽرانسپورٽ کاتي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته 6 حادثن ۾ 21 مسافر ماريندڙ ڪراچي _ مٺي روٽ جي بس، سندس مالڪ ۽ ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ هن چيو ته بس نمبر بي ايس اي 784 جو ڊرائيور عبدالله مورجھر، نندو، کوسڪي، ٺٽي، سجاول ۽ ڪارو گونگڙو وٽ 6 ٽريفڪ حادثن ۾ ملوث آهي،  جنهن جي نتيجي ۾ 21 مسافر پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن. گذريل هفتي ساڳئي بس جي حادثي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا.