مٺي جي 15 مان 14 سيٽن تي پ پ کٽي وئي، هڪ آزاد اُميدوار ڪامياب

0
244

مٺي ميونسپل ڪميٽي جي ڪُل 15 مان 14 سيٽن تي پ پ کٽي وئي، هڪ آزاد اُميدوار ڪامياب ٿيو آهي

ٿرپارڪر ضلعه ڪائونسل جي ڪُل 64 يوسيز مان 50 يوسي تي پ پ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، پي ٽي آءِ 13 سيٽس کنيون، هڪ آزاد اُميدوار ڪامياب ٿيو آهي

عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي ۽ ضلعه ڪائونسل جون اڪثر سيٽون پيپلز پارٽي ٻهاري وئي

عمرڪوٽ ضلعه ڪائونسل جي 42 يوسيز مان 40 تي پ پ اُميدوار ڪامياب ٿيا آهن، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي کي هڪ هڪ سيٽ ملي

 عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي ڪُل 14 سيٽن مان 8 تي پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي آهي، پي ٽي آءِ 6 سيٽون پنهنجي نانءُ ڪيون