مٺي(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن مٺي پاران افغانين سميت سمورن ڌارين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ جو ٺھراءُ منظور ڪيو ويو آھي ۽ مطالبو ڪيو ويو آھي ته ملڪ ۾ غير قانوني رهندڙ سمورن پرڏيهين جا جعلي نادرا پاران ٺاهيل سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪري کين ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر ايڊووڪيٽ موهن لال منٺآراڻي پاران پيش ڪيل ٺھراءُ کي اڪثريت ۽ متفق راء سان منظور ڪيو ويو ۽ چيو ويو آھي ته ملڪ ۾ ۽ خاص طور سنڌ اندر ڌارين جي يلغار کي غيرقانوني طور آباد ڪري مقامي آبادي جي معاشي وسيلن تي قابض ڪيو ويو آھي ۽ ڌارين جي آبادڪاري سان ڌرتي جا اصل وارث اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو آھي، تنهن ڪري غيرقانوني رهندڙ افغانين سميت سمورن پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي.