مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو )مٺي جي عدالت ننگرپارڪر جي اڳوڻي تعلقي ناظم ۽ پ پ پ جي باغي اڳواڻ عبدالغني  کوسو ۽ سندس خاندان سميت 30 حامين جون حملن ۽ فائرنگ وارن ڌار ڌار ڪيسن مان ضمانتون منظور ڪري ورتيون آھن ۽ گرفتار 13 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيڻ سان گڏ کين هراسان نه ڪرڻ جو پوليس کي پابند بڻايو آھي، ان ڏس ۾ عدالت  پ پ پ ايم پي اي قاسم سراج سومرو جي ملازم الهداد سومرو جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ گرفتار باغي اڳواڻ جي 13 حامين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جن کي سب جيل مٺي مان آزاد ڪيو ويو، ننگرپارڪر ٿاڻي تي داخل هڪ وڌيڪ ڪيس جو فريادي ۽ آزاد اميدوار جڳسي ڪولهي عدالت ۾ پهچي ڪيس کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته مونکي صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي  اغوا ڪري نامزدگي تان رٽائر ٿيڻ ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ وارن ڪاغذن تي زبردستي صحيحون ڪرايون، منهنجي گهر تي عبدالغني کوسو وارن نه حملو ڪيو آھي نه مون ڪيس داخل ڪرايو آھي، باغي اڳواڻ عبدالغني کوسو ۽ سندس خاندان سميت 30 حامين مٿان 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري 13 حامين کي گرفتار ڪيو ويو هو، ايڊيشنل سيشن جج مٺي جي عدالت عبدالغني کوسو ۽ گرفتار 13 حامين سميت ڪيسن ۾ نامزد سمورن جوابدارن جون ضمانتون منظور ڪيون. عدالت باغي اڳواڻ ۽ سندس حامين جي داخل ڪرايل هراسمينٽ واري درخواست تي لاڳاپيل ايس ايچ اوز کي سختي سان منع ڪري ڇڏي ۽ کين هراسمينٽ نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پابند بڻايو.