مٺي (رپورٽر ) مٺي سول اسپتال ۾ نوجوان شاگرد فوت. اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس نه ڏيڻ سبب شاگرد جي غريب وارثن چندو ڪري ننگرپارڪر جي ڳوٺ ويرا واھ لاش پهچايو. خبر موجب ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ ويراواھ جو رهواسي شاگرد راجيش مٺي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. لاش ڳوٺ پهچائڻ لاءِ اسپتال انتظاميا ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته وارثن لاش اسپتال اندر رکي احتجاج ڪيو. ڪيترائي ڪلاڪ لاش اسپتال اندر پيل رهيو، جنهن بعد موقعي تي موجود شهرين چندو ڪري ٽيڪسي ڀاڙي تي ڪري شاگرد جو لاش ويرا واھ روانو ڪيو. اسپتال انتظاميا موجب لاش اماڻڻ لاءِ ايمبولينس ڏيڻ جي اختيارين پاران پابندي آھي. ايمبولينس صرف مريض کڻڻ لاءِ ڏيئي سگهجي ٿي.