مورو (ن پ ا)  ٽائون ڪاميٽي مٺياڻي جي وارڊ نمبر 4 تي جي ڊي اي، اين پي  پي جو اميدوار ذوالفقار علي شيخ وارڊ نمبر 4 تي آزاد اميدوار شعبان علي جهنڊير جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، شعبان علي جهنڊير پنهنجي ساٿين سميت مير راضي خان جتوئي جي هٿ تي اين پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي راضي خان جتوئي چيو ته اسان شعبان علي جهنڊير کي برادري سميت اين پي پي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا.