مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ڀرسان ملڪيت جي تڪرار تان ٻن سڳن ڀائرن ۾ جهيڙو، فائرنگ دوران ٻنهي ڀائرن کي ڇڏائڻ لاءِ آيل نوجوان ڀيڻ قتل، هڪ ڄڻو زخمي، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، رپورٽ موجب ڳوٺ مارٽو ڀرٽ ۾ ٻن سڳن ڀائرن اياز ڀرٽ ۽ ديدار ڀرٽ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان گهر اندر جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن هڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن دوران ڀائرن کي ڇڏائڻ آيل سندن 20 سالن جي ڀيڻ شڪيلا ڀرٽ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي قتل ٿي وئي، جڏهن ته هڪ ڀاءُ ديدار ڀرٽ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، مقتول ناري جو لاش مٺياڻي اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ مارٽو ڀرٽ ۾ ٻن ڀائرن ۾ جهيڙي دوران عورت قتل ٿي وئي آهي، لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته جهيڙي دوران هڪ ڀاءُ ديدار ڀرٽ زخمي پڻ ٿي پيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،