مٺي (رپورٽر) مٺيءَ جي مالهي پاڙي ۾ پاڻ کي باھ ڏيئي زخمي ڪندڙ نوجوان سوائي مالهي حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان جو مڙهه مٺيءَ ۾ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ياد رهي ته ڪجھه ڏينهن اڳ 30 سالن جي نوجوان سوائي مالهي گهر واريءَ سان ناراض ٿي پيٽرول هاري پاڻ کي باھ ڏئي ڇڏي هئي ۽ سندس جسم 80 سيڪڙو حصو سڙي وڃڻ سبب کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو هو. گذريل ڏينهن نوجوان سوائي مالهي زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو،جنهن لاش مٺيءَ آندو ويو ته ماحول سوڳوار ٿي ويو.