سکر (بيورو رپورٽ) هندو پنچائت جي چونڊن ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مُکي جي عهدي تي عورت اميدوار فارم جمع ڪرائي ڇڏيو. 27 جنوري تي رٿيل چونڊ لاءِ ڪالهه 19 اميدوارن پرووينشل اسسٽنٽ رجسٽرار جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز سکر ڪفايت الله لاشاريءَ وٽ نامزدگي فارم جمع ڪرايا. هندو پنچائت سکر جي ميمبر جئرام داس بختيارپوري مطابق ريکا ڪڪريجا هندو پنچائت جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مُکي جي عهدي تي عورت اميدوار طور چونڊ وڙهڻ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي. ان کان اڳ هندو پنچائت جي چونڊن ۾ عورت کي ووٽ جو حق به نه هو، 27 جنوريءَ تي ٿيندڙ چونڊن ۾ اڳوڻي مکي ايشور لعل پنهنجي پئنل سميت نامزدگي فارم جمع ڪرايا. مقابلي ۾ ڪشن چند پئنل طرفان مُکي/صدر لاءِ ڪشن چند جگواڻي ۽ ٻين فارم جمع ڪرايا آهن. ان کان علاوه رنجيت ڪمار جي پئنل طرفان مُکي/صدر لاءِ رنجيت ڪمار ماکيجا ۽ ٻين فارم جمع ڪرايا آهن. جڏهن ته آزاد عورت اميدوار  طور ريکا سنجي ڪڪريجا پڻ فارم جمع ڪرايو آهي. شيڊول موجب هندو پنچائت سکر جون چونڊون 27 جنوري تي ٿينديون.