لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) مهاڻي دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽنگري مڇي پڪڙي ورتي. ڪمبوڊيا ۾ ميڪونگ ندي جي ڪناري ڪوه پريا ٻيٽ تي هڪ مقامي ماهيگير محققن کي فون ڪري ٻڌايو ته هن 3.98 ميٽر ڊگھي ۽ 2.2 ميٽر ويڪري هڪ وڏي اسٽنگري مڇي پڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي اداري (بي بي سي) موجب سائنسدانن جو چوڻ آهي ته ڪمبوڊيا جي ميڪانگ نديءَ ۾ پڪڙيل 300 ڪلوگرام وزني اسٽنگري مٺي پاڻيءَ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي مڇي آهي. رپورٽن مطابق ميڪونگ درياهه مان پڪڙيل هن مڇيءَ 2005ع ۾ ٿائيلينڊ ۾ پڪڙيل 293 ڪلو وزني جي وڏي ڪيٽ فش جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته دنيا جي سڀ کان وڏي تازي پاڻيءَ جي مڇيءَ جو ڪوبه سرڪاري رڪارڊ يا ڊيٽابيس موجود ناهي. رپورٽن مطابق حياتياتي ماهر زيب هوگن جو چوڻ آهي ته 6 براعظمن جي درياهن ۽ ڍنڍن ۾ وڏين مڇين تي 20 سالن جي تحقيق ۾ ميڪانگ نديءَ ۾ پڪڙجڻ واري مڇي اسان کي هن وقت تائين مليل تازي پاڻيءَ جي سڀ کان وڏي مڇي آهي.