نيوميڪسيڪو (م ڊ) ميڪسيڪو ۾ طاقتور منشيات سمگلر ايل چاپو جي پٽ اوويڊيو گوزمان جي گرفتاري لاءِ آپريشن ۾ 10 فوجين سميت 29 ڄڻا مارجي ويا. سنالوا رياست ۾ اوويڊيو گوزمان جي گرفتاري لاءِ 24 ڪلاڪن تائين آپريشن جاري رهيو، جنهن ۾ 10 فوجين سميت 29 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 35 اهلڪار زخمي ٿي پيا. اختيارين موجب آپريشن دوران هٿياربندن سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپون ڪيون ۽ گاڏين کي باهه ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيا، فائرنگ سبب ٽن جهازن کي به نقصان پهتو. اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته آپريشن دوران ڪو شهري مارجڻ جو اطلاع ناهي، فورسز اوويڊيو گوزمان سميت 21 هٿياربندن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته اوويڊيو گوزمان طاقتور سمگلر ايل چاپو گوزمان جو پٽ آهي، جنهن کي 2016 ۾ گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو هو، آمريڪا طرفان اوويڊيو گوزمان جي گرفتاري تي 25 لک ڊالر انعام رکيل آهي.