اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ميڊيا کي سياست، معيشت يا ڪنهن ٻئي شعبي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي حوالي سان بي مثال آزادي حاصل آهي، صحافت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ آزاد ۽ خودمختيار ميڊيا کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت پرعزم آهي، اظهار راءِ جي آزادي ترقي پسند، مهذب ۽ جمهوري معاشري جو بنياد آهي، واضح ڪريان ٿو ته ملڪ ۾ ميڊيا سينسر جو ڪوئي تصور ناهي، حڪومت ڪنهن به پريس ايڊوائيز تي يقين نه ٿي رکي، نه ئي ان تي عمل ڪندي آهي، حڪومت ميڊيا پاران سيلف ريگيوليشن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ٿي، وفاقي حڪومت صحافين کي پيشيوراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اٺين ويج بورڊ جو اعلان، انفارميشن ڪميشن جو قيام، صحافين جي تحفظ جو بل انهن قدمن ۾ شامل آهن، صحافين کي وزيراعظم جي هائوسنگ اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويندو، حڪومت صحافين کي صحت ڪارڊ ڏيڻ تي به غور ڪري رهي آهي ته جيئن اهي پنهنجي خاندان لاءِ صحت جون سهولتون حاصل ڪري سگهن، صحافت جي شعبي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو، جن سچ ۽ هن عظيم پيشي جي وقار کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، ڪورونا دوران عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.