ميڊيا تي راتاهو ۽ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف صحافين جوپارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو

0
258
ميڊيا تي راتاهو ۽ پاڪستان ميڊيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ميڊيا تي راتاهو ۽ پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف صحافين جو اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو جاري آھي.

 پيپلز پارٽي، نواز ليگ ۽ ٻين پارٽيز جي اڳواڻن طرفان صحافين سان ايڪتا جو اظهار، شاهد خاقان عباسي، فرحت الله بابر، رضا رباني ۽ سسئي پليجو سميت ٻيا پارليامينٽرين صحافين جي ڌرڻي ۾ پهتا.
سياسي اڳواڻن چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت صحافين کي دٻائڻ لاءِ پابنديون لڳائي رهي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، رضا رباني ۽ ٻين جو چوڻ ھو تھ صحافي ڀائرن سان گڏ آھيون، ميڊيا کان آزادي جو حق کسيو ويو آھي، اسان صحافين سان ٿيندڙ ظلمن جي مذمت ڪيون ٿا.