ميٽرڪ جا امتحان، ٻئي ڏينهن به ڪاپي جي ڌُم

0
259
ميٽرڪ جا امتحان، ٻئي ڏينهن به ڪاپي جي ڌُم
ميٽرڪ جا امتحان، ٻئي ڏينهن به ڪاپي جي ڌُم

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مئٽرڪ جي سالياني امتحانن جي ٻئي ڏينهن به ڪاپي جي ڌُم رهي، جڏهن ته تعليم کاتي جون ٽيمون ڪاپي روڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيون آهن

ڏهرڪي ۾ ڏهين جو امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ ئي انگريزي جو پرچو واٽس ايپ گروپس ۾ وائرل ٿي ويو، جنهن سبب شاگرد سرعام ڪاپي ڪندا رهيا

ميرپور خاص ۽ نئون ڪوٽ ۾ نائين درجي جو رياضي جو پرچو وقت کان اڳ شاگردن جي هٿن ۾ اچي ويو

شهيد بينظير آباد ۽ ٺارو شاهه ۾ اردو جو پرچو امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته  حيدرآباد جي مختلف امتحاني سينٽرز تي ڏهين جماعت جو امتحان شروع ٿيڻ کان اڳ انگريزي جو پرچو آئوٽ ٿي ويو

امتحاني سينٽرز تي پابندي باوجود شاگرد ۽ شاگردياڻيون موبائيل فون ذريعي ڪاپي ڪندا رهيا، امتحاني سينٽرز ۾ بجلي جي بندش سبب شاگرد پريشان رهيا

 

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ مبينا مقابلي ۾ 2 دهشتگرد مارڻ جي دعويٰ