ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جميعت علماء اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري  مولانا راشد محمود سومرو تعليم کاتي ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري اسڪول اين جي اوز حوالي ڪرڻ جا خطرناڪ نتيجا سامھون اچن پيا،  جيڪڏهن فيصلو واپس نه ورتو ويو ته جي يو آءَ سخت رد عمل ڏيندي ـ جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو آهي ته عجيب ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ عربي ۽ اسلاميات پڙھائڻ وارن استادن جي ڀرتي روڪي وئي آھي، ٻئي طرف  رقص ۽ سر سيکارڻ وارا استاد ڀرتي ڪيا پيا وڃن، اسان  ميوزڪ ٽيچر ڀرتي نه ٿيڻ ڏينداسين