ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ لڳ ڳوٺ ٻاڙيا پنھور جي رهواسي رضا محمد پنهور، خادم حسين پنهور، اعجاز پنهور، محمد پناهه پنهور، وزير علي پنھور، روشن علي پنھور ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانيهندي چيو ته 28 اپريل 2021 تي شادي ڪاڄ اوچتو جوابدارن هٿيار بند ماڻهن ساڻ ڪري اسان تي حملو ڪري 7 ڄڻا زخمي ڪيا، هنن چيو ته پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن، غير محفوظ آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.