ميهڙ ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ 10 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي، ڌرڻو جاري

0
321

ميهڙ (رپورٽر) پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ نياز علي ٻرڙي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز علي ٻرڙو کي 10ڏينهن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪيو ويو

پوليس سخت سيڪيورٽي ۾ نياز علي ٻرڙو کي عدالت آندو ويو، عدالت پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ نياز علي ٻرڙو کي 10 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

نياز علي ٻرڙو جو چوڻ هو ته پ پ جا چونڊيل نمائندہ ھٿيارن ۽  پئسي جي زور تي نتيجا تبديل ڪرڻ چاھين ٿا

جڏهن ته ميهڙ مان مڪاني چونڊ کٽيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ نياز ٻرڙو جي گرفتاريءَ خلاف انڊس هاءِ وي تي لڳايل ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي، ڌرڻي سبب ٻئي ڏينهن به ٽريفڪ معطل ٿي وئي

سوين مظاهرين انڊس هاءِ وي تي شاميانا هڻي سخت ٿڌ ۾ رات گهاري، اڄ برسات پوڻ باوجود به ڌرڻو جاري آهي، مظاهرين جو چوڻ آهي ته نياز ٻرڙو جي آزادي ۽ 8 ڪائونسلرز جي ڪاميابيءَ جا نتيجا پڌرا ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو

هي به پڙهندا

ميهڙ مان پوليس پاران کنڀيل پي ٽي آءِ اميدوار جي گرفتاري ظاهر