ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ 2 مهينا اڳ ميهڙ مان اغوا بعد جنسي ڏاڍائي کان پوء بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان شاگرد  ساحل گهانگهرو جي خون سان انصاف ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاء مقتول نوجوان جي وارثن ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاج ڪيو ويو. اطهر گهانگهرو، روشن گهانگهرو،  شير محمد آڳرو، ابوذر ٻگهيو، آزاد عقيل، جان محمد جھنڊير ،محسن سومرو، وليد منگي، زرياب سومرو ۽ ٻين چيو ته معصوم ساحل کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيو پر پوليس سندس قتل ۾ ملوث سهولتڪار گرفتار نه پئي ڪري. ساحل جي قاتلن کي سهولت ڏيڻ جي الزام ۾ معطل ٿيل ميهڙ جو اڳوڻو ايس ايڇ او قابل ڀيو کي ٻيهر راڌڻ ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو قاتلن سان مليل آھي. قتل جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ساحل جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.