ميهڙ ۾ تڏي تي ويٺل ماڻهن مٿان ڇت ڪري پئي، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

0
353
ميهڙ ۾ تڏي تي ويٺل ماڻهن

ميهڙ ويجهو فوتي جي تڏي تي  ويٺلن مٿان ڇِت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ فوتي همراهه جي سس سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته  20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن

ڳوٺ سوجهرو ڳورڙ ۾ صبح جو ڇِت ڪِرڻ سبب محمد اسلم ڳورڙ فوت ٿي ويو هو

تڏي تي ويٺلن مٿان ڇت ڪِرڻ سبب فوتي جي سس سڀائي زال وسف ڳورڙ فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته  فوتين جو انگ چار ٿي ويو آھي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا آھن، کين اسپتال منتقل ڪيو ويو

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ لڳاتار گجگوڙ سان جاري برسات شهر ۽ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا

ٺري ميرواھ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي: گهر پٽ پئجي ويا، مسجدن ۾اذانون ۽ خصوصي دعائون