ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ لڳ سنڌي ٻٽڙا ۾ گھر ڪري پوڻ سبب صدمي ۾ پيرسن علي اصغر قمبراڻي بيحال ٿي ڪري پيو جنھن جو بروقت اعلاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنھن سبب گھر ۾ ڪھرام مچي ويو جڏھن ته شھري اتحاد سنڌي ٻٽڙا جي اڳواڻن ٻڌايو ته سنڌي ٻٽڙا ۽ آس پاس ۾ روز اھڙا واقعا وڌي رھيا آھن ڪيتريون جانيون ضايع ٿي ويون آھن ڊي ايڇ او کي ميڊيڪل ڪيمپ لڳرائڻ لاء چيو پر ھو بار بار ميڊيڪل ڪئمپ جا آسرا ڏيڻ باوجود ڪئمپ قائم نه ڪري سگھيو آھي ھنن چيو ته وڏي تعداد ۾ بيماريون فھلجي رھيون آھن پر انتظاميه تحرڪ نه پئي وٺي صحت کاتو نوٽيس وٺي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.