ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ امڪاني ٻوڏ سبب بدامني جو آزار وڌي ويو آھي. واپاري 9  لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي گھرن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ چور سرگرم ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي جڳھين مان لوھ توڙي گھرن ۾ پيل سامان چوري ڪرڻ جون وارداتون وڌڻ لڳيون آهن پر پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو آھي. ان ڏس ۾ ميهڙ ٻيٽو روڊ ڳوٺ صلاح جتوئي ڀرسان ميهڙ اناج منڊي جي اڳواڻ عالمگير ٿهيم جي ڀاءُ اجمل ٿهيم ۽ عمران سومرو نامعلوم موٽرسائيڪل ھٿياربند يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي 9 لک 44 هزار ڦر ڪري فرار ٿي ويا واپاري احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ميهڙ شهر ۾ ٻوڏ جي خطري سبب بيئنڪنگ سسٽم بند هجڻ ڪري راڌڻ مان چيڪ پاس ڪرائي رقم کڻي ميهڙ اچي رهيو هيس ته ھٿياربندن پيڇو ڪندا آيا ۽ ڳوٺ صلاح جتوئي کان ٻن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 9 لک 44 هزار ڦر ڪري راڌڻ روڊ سان فرار ٿي ويا. بدامني وڌڻ تي علائقي واسين پوليس کي نوٽيس وٺڻ جي گھر ڪئي آھي.