ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين جو بک بدحالي وگهي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو،  ان ڏس ۾  انڊس ھاءِ  وي تي پئٽرول پمپ وٽ رليف ڪئمپ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺ خدابخش خاصخيلي جو رھواسي 4 سالن جو معراج کوسو کوراڪ جي کوٽ سبب فوت ٿي ويو،   جڏھن ته ساگئي ئي گھر مان 4 ٻارڙا صنم ،سيما،  سرتاج کوسو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آھي، فوتي ٻارڙي جي امڙ ٻڌايو ته پٽ غذائي کوٽ جو شڪار هو، جنهن سبب فوت ٿي ويو آهي.