ميھڙ (ن پ ا) ٽي اي او آفيس فيميل ۽ گرلس اسڪول ۾ ڳوٺ ٻڏي وڃڻ کان پوءِ يوسي سيدپور جي ڳوٺ ميرپور واسي 25 خاندان گذريل 10 ڏينهن کان بي يارو مددگار ويٺل آهن، مختيارڪار ميهڙ ۽ پبلڪ هيلٿ متاثر ڪئمپن تائين پيئڻ جو صاف پاڻي پهچائڻ ۾ به مڪمل ناڪام ٿا ويا آهن، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت نه هجڻ ۽ بجلي ڪٽڻ سبب ڪئمپن ۾ معصوم ٻارڙا گيسٽرو ۾ وٺجي ويا آهن، جڏهن ته صحت کاتي جي نااهلي جي ڪري دوائون جي شديد کوٽ متاثرن جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي ٻوڏ متاثر خادم علي چانڊيو، پيرل چانڊيو، سونو خاصخيلي، مور، خاصخيلي، رمضان خاصخيلي، عبدالڪريم خاصخيلي، دانهيندي چيو ته اسين يوسي سيد پور جي ڳوٺ ميرپور جا رھواسي آهيو اسان جا گهر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن 10 ڏينهن کان تعلقه ايجوڪيشن آفيس ۽ گرلس پرائمري اسڪول ۾ 25 خاندان بي يارو مددگار ويٺل آهيون هنن چيو ته هينئر تائين ڊي سي دادو، اي سي ميهڙ، مختيارڪار ميهڙ ۽ حڪومت جي طرفان اسان کي ڪجهه به ناهي ڏنو ويو پيئڻ جو پاڻي ناهي گرمي جي شديد لهر پيدا ٿيل آهي بجلي کي هٿ سان ڪٽي وئي آهي، مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي ڪابه سهولت ناهي خدارا نوٽيس وٺي ٻوڏ متاثرين سان انصاف ڪيو وڃي.