دادو/ميهڙ (نمائندن وٽان) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ پريل چانڊيو ۾ 3 مهينن جي ذاڪر حسين پٽ غلام حيدر چانڊيو کي مبينا طور شاخ ۾ ڦٽو ڪري ٻوڙي ماريو ويو آهي، وارثن غلام حيدر ، سندس زال فوتي ٻار جو لاش نصير واھ مان ڪڍي قانوني ڪاروائي لاءِ  ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي تي پهتا، پوليس پاران معصوم ٻار جو لاش کڻي پهتل والدين جي رپورٽ داخل نه ڪئي وئي،  نه ئي کين پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر ڏنو ويو، فوتي ٻالڪ جا والدين انصاف لاءِ  معصوم ٻار جو لاش کڻي دادو جي جوڊيشل ڪامپليڪس پهتا ته اتي اهلڪارن والدين کي عدالت ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ورتو، بعد ۾ وڪيلن جي مداخلت بعد کين عدالت ۾ ڇڏيو ويو ، نينگر جي ماءُ مسمات مرادان خاتون پاران دادو جي عدالت ۾ سيڪشن 22 اي بي تحت ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ  درخواست داخل ڪئي آهي ته اربع جي رات جو 3 وڳي منور چانڊيو سميت 2 ڄڻن سندن گهر ۾ داخل ٿي 3 مهينن جي ذاڪر کي کڻي نصير واھ ۾ ڦٽو ڪري ٻوڙي ماري ماري ڇڏيو آهي، اسان جا مرد سندن ڪڍ ويا پر هو سندس پٽ کي نصير واھ ۾ ڦٽو ڪري ڀڄي ويا، جنهن سبب سندس 3 مهينن جو پٽ پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، اهڙي درخواست تي عدالت اڄ ميهڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او کي رپورٽ سميت عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، ٻي طرف فوتي ٻالڪ جي وارٽن احتجاج ڪندي الزام  هنيو ته  منور چانڊيو ڪيترائي ڀيرا اسان جي گهرن ۾ بنا اجازت داخل ٿيندو رھيو آھي، جوابدار اسان جي گهر جي عورت کي بري نظر سان پڻ ڏسندو ھيو، مرادان الزام هنيو ته منور چانڊيو اڳ به نشي جي حالت ۾ گهر ۾ داخل مون سان جنسي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.ھنن چيو ته مقامي سطح تي معاملو اڳ به جرڳي ۾ اٿاريو پر منور چانڊيو قرآن پاڪ کڻي معافي گهري ھئي، ھوڏانھن ميھڙ پوليس موجب ته جوابدار منور چانڊيو ۽ ٻارڙي جي پيءُ غلام حيدر پاڻ ۾ مائٽ آھن،  معاملي جي شفاف نموني جاچ ڪئي پئي وڃي.