ميھڙ (ن پ ا) ميهڙ جي رامپور پاڙي جي رهواسي نينگر جي چاچي اسلم ڏيپر  احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته منھنجو معصوم ڀائيٽو مدثر ڏيپر پنهنجي پيءُ جي دڪان تي وڃي رهيو هو ته پوليس ڪوارٽرن ڀرسان نامعلوم جوابدار کيس زبردستي منھن تي ھٿ ڏئي ورغلائي پوليس ڪوارٽر ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن چيو ته اسان کي شڪ آھي ته نينگر سان بدفعلي ڪرڻ جي لاءِ سندس سان اهڙي حرڪت ڪئي وئي آهي،  نينگر جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا،  هن چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي تي نامعلوم جوابدار مٿان اين سي داخل ڪئي آھي، جاچ ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي طرف ميهڙ پوليس جي وڏي منشي ٻڌايو ته واقعي جو اطلاع مليو آھي، پوليس ڪوارٽرن ڀرسان ھيروئني ويهندا  آھن، جاچ ڪريون پيا.