ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد منظور ڪالوني مان گھرن ڀرسان 18 ورھين جي نوجوان صداقت عرف گڏو پٽ روشن گاڏھي جو تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻي طرف وارث عورتن ۽ مردن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  نوجوان جو لاش رکي  ميھڙ ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته   اسان جي نوجوان کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، ھنن چيو ته اسان جو نوجوان رات جي وقت پنھنجي دوستن علي رضا شاھ ، حسين شاھ ، مرتضيٰ رند، حسين رند ، سجاد ڏيرو ، شعيب سولنگي سان گھران نڪري ويو ھو، جيڪو رات نه موٽيو ، ڳولا باوجود پتو نه پيو، بعد ۾ گھر ڀرسان سندس گوليون ۽ تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو آھي، ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني نه آھي، ظلم ٿيو آھي، جاچ ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن،