ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا جي لاپرواهي ۽ مبينا ڪرپشن سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي، شهر ۾ وڌندڙ گندگي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن شهري اتحاد ميهڙ، تحريڪ انصاف، قومي عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن نياز علي ٻرڙو، عبدالستار چنا، مظهر کوسو، وڪيل منور علي جتوئي ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ميهڙ شهر جي آبادي ٽن لکن جي لڳ ڀڳ ٿيندي جيڪو شهر ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي انتظامي عملدارن جي نااهلي ۽ مبينا ڪرپشن ڪري گندگي جي ور چڙهيل آهي جنهن جي ڪري شهري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ گندگي سبب مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ميونسپل ڪاميٽي جي ماهوار بجيٽ پوڻا 3 ڪروڙ اچڻ باوجود شهر ۾ صفائي نه ٿي ڪرائي وڃي شهر ۾ گند ڪچري جا ڍير پيل آهن ،گهٽين ۽ روڊن ۾ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آهي هنن الزام هڻندي چيو ته ڪامورا شهر جي صفائي لاءِ ايندڙ ماهوار بجيٽ هڙپ ڪري وڃن ٿا تنهن ڪري شهري عذاب ۾ مبتلا آهن. هنن چيو ته هتان جا چونڊيل نمائيندا به ووٽ وٺڻ کان پوءِ تڪ مان غائب آهن ۽ شهري بي يارو مددگار بڻيل آهن. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته شهر جي صفائي نه ڪرائي وئي ته ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي انتظامي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرا ۽علامتي بک هڙتال ڪري تحريڪ هلائي ويندي.