ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ بدامني جي لهر برقرار آهي. مصروف ترين گهنٽا گهر چوڪ ۽ ون فائيو سينٽر کان ڪجهه  مفاصلي تي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن شيراز ميڊيڪل اسٽور تي چڙهائي ڪري اسٽور مالڪ شفيق خاصخيلي ۽ سندس ملازمن کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي اسٽور مان 80 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ھوڏانھن ميھڙ ٻٽ سرائي روڊ سان حاجي سراج منگي کان نامعلوم فورو ون ٽو فائيو 2022ع موٽر سائيڪل ، ھڪ عدد آئي فون موبائيل ، 15000 روڪ رقم ، ھڪ راڊو گھڙي به آساني سان ڦر ڪري فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏنو ويو آھي. وڌندڙ بدامني ۽ ميڊيڪل اسٽور تان ڦر واري واقعي خلاف واپارين ۽ دڪاندارن جو نياز ٻرڙو ۔ رضوان آڳرو، ميڊيڪل اسٽور مالڪ شفيق خاصخيلي ۽ ٻين واپارين دڪاندارن ٿاڻي آڏو احتجاج ڪيو، ٿاڻي جو عملو ٿاڻو ڇڏي هليو ويو واپارين ۽ دڪاندارن چيو ته ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي شھري ۽ دڪاندار پنھنجو ڪاروبار نه ٿا ڪري سگھن ميھڙ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او ، وڏو منشي به ٿاڻن تي موجود نه آھن شھري پنھنجي دانھن ڪنھن کي ڏين آء جي سنڌ نوٽيس وٺي شھرين سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ٿاڻي اڳيان شھرين جي احتجاج دوران شھر ۾ ڦر جي ھڪ ٻي واردات ٿي. نانڪ واري سيلر ڀرسان 3 نامعلوم ھٿياربندن روڊ بلاڪ ڪري گاھي مھيسر جي رھواسي خليل الرحمن منگي کان سي ڊي 2022 موٽرسائيڪل ، موبائيل فون ۽ روڪ رقم فر ڪري فرار ٿي ويا واقعي جو ميھڙ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آھي پوليس ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي ناهي ڪري سگھي.