ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ قومپرست اڳواڻ ۽ صحافي ڪامريڊ انور کوکر پنهنجي امڙ سان گڏجي بااثر جوابدارن خلاف احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته بااثر جوابدارن شاهنواز ملاح ، ارشاد جوڳرو ، نعيم جوڳرو، شھزادو جوڳرو ۽ ٻين جاگيردارن وڏيرن سان گڏ اسان جي جاء تي قبضو ڪيو آھي ۽ ھنن هٿيار ساڻ ڪري منهنجي امڙ تي حملو ڪيو جنھن سبب امڙ جي اکين جي پردن کي نقصان پھتو آھي جنھن جي لاء ڊاڪٽرن پڻ اھڙي رپورٽ ڏني آھي ۽ جوابدارن مونکي موت مار ڌمڪيون ڏنيون آھن اسان جي جاء تي قبضو ڪري ويٺا آھن ھن چيو تہ عدالت بہ جوابدارن جي ضمانت ختم ڪري گرفتاري جو حڪم ڪيو ھو پر پوليس ھن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي ھن چيو ته ايس ايس پي دادو انصاف ڏيارڻ ۽ جاء مٿان قبضو ختم ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي آھي پر ان باوجود به ايس ايڇ او اي سيڪشن ميھڙ ۽ ڊي ايس پي ميھڙ جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي انھن خلاف ڪاروائي نه ٿو ڪري ھن چيو ته مونکي ڪجھ به نقصان پھتو ته ان جا ذميوار بااثر وڏيرا ۽ ملوث جوابدار ھوندا ھن گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف قدم کڻي جوابدارن کي گرفتار ڪري منهنجي گهر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ مونکي تحفظ ڏئي مونسان انصاف ڪيو وڃي.