ميهڙ(شوبز نيوز) ميھڙ جي فنڪارن، سازندن، ميوزيشن، ڍولڪ نواز ۽ ٻين فنڪارن پاران واھر نه ٿيڻ خلاف گاھي مھيسر روڊ کان  استاد علي شير سمون، ناميارو فنڪار احمد بخش کوسو، عبدالرشيد چانڊيو، فاروق سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب ميھڙ وٽ راڳ ڳائي احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ سبب گھر ڊھي پٽ پئجي ويا لڏپلاڻ سبب ھزارين رپيا خرچ ٿيا، روزگار بند ھجڻ سبب فنڪار فاقاڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن، هنن مطالبو ڪيو ته فنڪارن جي واھر ڪري فاقاڪشي کان بچايو وڃي.