ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ شهر ۾ شهرين کي پيئڻ جو صاف مٺو پاڻي فراهم نه ڪرڻ شهر ۾ صفائي نه ڪرائڻ خلاف ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن خلاف ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي اڳوڻي ڪائونسلر شهري اتحاد جي چيئرمن نياز علي ٻرڙو جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار نياز علي ٻرڙو، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جا عملدار، ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جو سي ايم او دربان ابڙو پنهنجي پنهجي وڪيلن سميت پيش ٿيا، فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ميهڙ جي عدالت سڳوري ايندڙ ٻڌڻي 14آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري لاڳاپيل عملدارن ميونسپل ڪاميٽي ميهڙ جي سي ايم او دربان علي ابڙو ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي انجنيئر ۽ لاڳاپيل عملدارن کي نوٽيس اماڻي ٻيهر طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ميهڙ جي شهرين کي فلٽريشن واٽر سپلاء اسڪيم مان پاڻي فراهم ۽ شهر ۾ صفائي بابت رپورٽ پيش ڪن .ٻئي پاسي فريدآباد ۾ واٽرسپلاء اسڪيم جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ دادو ۾ ڪاڇي جي سماجي اڳواڻن ميهر علي ڏيرو، محرم علي رند ، مير شبير احمد ڪرٽيو پاران وڪيلن شير علي چانڊيو، محمد علي ڪانڌڙو جي معرفت ڊي سي دادو سميع الله شيخ ، پبلڪ هيلٿ انجنيئر دادو نثار احمد شيخ ،ايس ڊي او ميهڙ خلاف پٽيشن داخلڪئي وئي آهي، جنهن تي سيشن جج دادو ڊي سي دادو کي حڪم ڏنو آهي ته فريدآباد واٽرسپلاء اسڪيم جي ڪم جو جائزو وٺي 6 آڪٽوبر تي رڪارڊ سميت پيش ٿئي ۽ عدالت لاڳاپيل آفيسرن کي به نوٽيس جاري ڪيا آهن.