ميھڙ (ن پ ا) بلدياتي اليڪشن ۾ ٿيندڙ جھيڙن، امن امان جي بھتري ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سميت ٻين معاملن تي شيعا علماءِ ڪائونسل سنڌ جي صدر علام اسد اقبال زيدي ، مولانا عابد عرفاني ، مولانا مجاهد حسين چانڊيو ، سيد فدا حسين شاهه ، مولانا عبدالرشيد سان گڏ مدرسه سفينه اهلبيت ميهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته بلدياتي اليڪشن ۾ زبردستي ووٽ وڌا پيا وڃن، سنڌ ۾ اڪثر ضلعن ۾ ڌانڌليون ڪرڻ لاءِ ماڻهن مٿان حملا ڪيا پيا وڃن، ھنن چيو ته اسان جي اميدوارن کي سرڪاري مشينري ۽ وڏيرا شاهي ذريعي دٻايو پيو وڃي، ان موقعي تي اڳواڻن  ميهڙ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ بيٺل اميدوارن امير علي جويو، ميھر علي چانڊيو، علي دوست چانڊيو، انور حسين  چانڊيو ،جواد علي ڀنڊ ،نادم علي ڏيپر، سھراب سيلرو، سيد محسن علي شاھ، ذاڪر حسين چانڊيو کي ٽڪيٽ ڏئي اليڪشن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺڻ لاءِ پابند ڪيو.