ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ جي سليمان ڪالوني ۾ سڱاوتي تڪرار تان جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ سرون لڳڻ سبب پيء ۽ ٻن پٽن سميت 3 ڄڻا  سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عبدالڪريم جانوري سندس 2 پٽ سعيد جانوري ۽ نويد جانوري شامل آھن جن کي وارثن پاران فوري طور تي علاج لاء تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي کين فوري طبي امداد ڏيئي وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪو به ڪيس ميهڙ ٿاڻي تي داخل ناهي ٿيو.