ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ گذريل ڏينھن گرڊ اسٽيشن جي مرمتي ڪم دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل واپڊا ملازم عبدالستار ميمڻ واري واقعي ۾ سيپڪو چيف پاران ڪوتاھي جو اعتراف ڪندي شروعاتي جاچ دوران 4 سيپڪو ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو، سيپڪو چيف سعيد احمد ڏاوڇ ميھڙ پھچي فوتي ملازم جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت پڻ ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي سيپڪو چيف چيو ته ميھڙ واقعي ۾ ڪوتاھي ٿي آھي، شروعاتي جاچ دوران سيپڪو آفيسر الياس ڀٽو، ايس ڊي او گرڊ شاھد سولنگي، گرڊ انچارج ميھڙ بشير کوسو  ۽ شفٽ انچارج محمد علي چانڊيو کي معطل ڪيو آھي، واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪري ملوث ماڻھن کي سزا ڏينداسين، ان موقعي تي فوتي ملازم جي وارثن واقعي ۾ غفلت ۽ ڪوتاھي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو آھي، جڏھن ته سيپڪو چيف پاران فوتي ملازم جي ننڍن پٽن شايان علي ۽ آيان علي ميڻ کي پنھنجي کيسي مان 3 لک رپيا مدد لاءِ ڏنا، ان کان اڳ گرڊ اسٽيشن جي ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل فورمين شھيد عبدالستار ميمڻ جي جنازي جي نماز بلبل مسجد لڳ الله والي چوڪ وٽ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ ھزارين شھرين واپارين واپڊا ملازمن سيپڪو چيف سکر سعيد احمد ڏاوڇ، چيف ٽيڪنيڪل آفيسر منظور احمد سومرو، اي سي جي ايس او سکر محمد علي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جنهن بعد  فوتي کي سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.