ميھڙ(ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سڏ تي اعلانيل ثقافتي ڏهاڙو سنڌ سان درد جو رشتو، جي سري هيٺ اعلانيل ثقافتي ڏهاڙي کي ميهڙ ۾ ڀرپور موٽ ملي رهي آهي ميهڙ ۾ سماج سڌارڪ ، ساڃاهه وندن پاران ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سڏ تي متاثرين جي سهائتا لاءِ تقريبون شروع ڪري ڏنيون آهن ان سلسلي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ جي سرپرست ۽ سچوا جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو ڊاڪٽر مير زبير چانڊيو پاران تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب جي شروعات ٻوڏ دوران فوت ٿي ويل ماروئڙن جي مغفرت لاء سيد محمد شاه آف ميھڙ کان خصوصي طور دعا گھرائي وئي ۽ 150 کان وڌيڪ متاثرين کي کاڌي پيتي ، ٽينٽ ، ڪمبل ۽ ٻيو سامان ڏنو ويو. تقريب ۾ پير آف ميھڙ سيد محمد شاهه، ڊاڪٽر علي نواز چانڊيو، ڊاڪٽر الاھي بخش چانڊيو، ڊاڪٽر مير زيبر علي چانڊيو، سگا اڳواڻ ڊاڪٽر هيمن داس مھراج ، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، ڊاڪٽر اخلاق سمون، نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي سرواڻ منظور مهيسر، نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صدر ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي رپورٽر عبدالرحمن قمبراڻي، وڪيل رضوان حيدر تنيو، مير صابر ڪولاچي سھيل بشير باداڻي ، حاجي فدا حسين پنھور حاجي ماجد بروھي ، محمد بروھي مظھر ڀٽو ڊاڪٽر اسدالله چانڊيو ڊاڪٽر بھادر نواز چانڊيو سڌير چانڊيو، مير رياض سومرو شاھد مھيسر ساحل ارشاد سومرو فراز چنه، جان محمد جھنڊير ۽ ٻين خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت ٽوپي اجرڪ پڻ اوڍايو ويو.