ميھڙ (ن پ ا) ماڊل ڪورٽ جي جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ خلاف ميھڙ بار پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ميھڙ بار پاران صدر وڪيل عبداليم ٻگھيو ،جنرل سيڪريٽري وڪيل سعيد پنھور ھاء ڪورٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري وڪيل رياض ڏيرو ، وڪيل علي انور ساھڙ ، وڪيل منور جتوئي ، وڪيل ظھير ناريجو ،وڪيل نور جتوئي ، وڪيل انصاف جوڳرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ ڪورٽ احاطي کان مک گيٽ تائين ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو تہ ايس ايس پي دادو غير قانوني طور ماڊل ڪورٽ جي جج جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آھي ڪورٽ جي ججن کي انصاف ڀرين فيصلن ڪرڻ تي کين ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي وڏيرن کي تي سيڪيورٽي ملي رھي آھي پر جوڊيشل آفيسرن کان من پسند فيصلن نہ ڏيڻ تي سيڪيورٽي کسي وئي آھي ھنن چيف جسٽس سنڌ کان گھر ڪئي تہ ايس ايس دادو جي کنيل غير قانوني قدمن جو نوٽيس وٺي گھرو کاتي جي پاليسي موجب  ماڊل ڪورٽ جي جج کي سيڪيورٽي ڏني وڃي.